ٻاٽي (جابلو وڻ)

ٻاٽي: هڪ قسم جو جابلو وڻ، جيڪو پوري پني قد جو، جبلن ۾ ٿيندو آهي. ان جا پن ۽ ڪاٺيون خوشبودار ٿينديون آهن، جيڪي حڪيمن چواڻي طبي لحاظ کان دل ۽ دماغ کي تراوت بخشينديون آهن. ان جي ڪاٺين ۽ پنن جي خوشبوءِ مٿي جو سور لاهڻ، نزلي ۽ دماغ جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ ۽ ان جي ڪاٺيءَ جو ڏندڻ، مهارن ۽ ڏندن کي مضبوط ۽ وات ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته ان جو استعمال معدي کي تقويت ڏئي ٿو. کنگهه، سيني جي سور، سخت سوڄ کي تحليل ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. ڪاٺيءَ کي گهي، ڦٽن تي پهو ڪري رکندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو